اسلام آباد – 11 – اپريل (اي پي پي) تحريڪ انصاف جي ??ائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي قومي اسيمبلي جي سيٽن ت??ن پي ٽي آءِ جي ??يمبرن جي ??ستعفي ٿيڻ ۽ وزارت عظميٰ جي چونڊن جو بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو. قومي اسيمبلي ۾ قائد ايوان جي چونڊن جي ??وقعي تي خطاب ڪندي هن چيو ته قوم جي سامهون ٻه رستا آهن هڪ خودداري ۽ ٻيو غلامي جو رستو آهي، عمران خان مون کي اهو اعزاز بخشيو ته آئون پي ٽي اءِ پاران وزيراعظم جو اميدوار ٿيان. سمورن اسيمبلي ميمبرن جو ٿورو ادا ڪريان ٿو جن مون سان ت??اون ڪيو. هن چيو ته تحريڪ انصاف هڪ نئين پارٽي آهي پر مختلف مرحلا طئي ڪندي ان کي هڪ نظرياتي فڪر رکندڙ پارٽي جو اعزاز به حاصل ٿيو آهي، تاريخ ان ڳالهه جي گواهه آهي ته هن ايوان جون ڪيتريون ئي معزز پارٽيون ڪنهن مقصد کي حاصل ??رڻ لاءِ گڏ ٿيون آهن پر انهن ۾ ڪو نظرياتي قدر هڪجهڙا نه آهن، اڄ حڪومتي بينچن تي ايم ڪيو ايم پا??ستان جا دوست به ويٺل آهن، ٽي سال 8 مهينن ت??ئين اهي ميمبر سنڌ ۾ پ پ جي خلاف مخالف ڌر جو ڪردار ادا ڪندا رهيا، اڄ اهي ڪهڙي ڀلائي جي اميد ڪن ٿا. ايم ڪيو ايم جي ساٿين سان ماضي ۾ به ڪجهه معاهدا ڪيا ويا جنهن تي عمل ناهي ڪيو ويو، هن چيو ته عمران خان جيڪو فيصلو ڪيو اهو ذوالفقار علي ڀٽو جي ان سوچ جي عڪاسي ڪري ٿي ته طاقت جو سرچشمو عوام آهي، ڪالهه رات پوري قوم عمران خان جي ڪال تي لبيڪ چيو آهي، اڄ ڪوئي کٽي هارائيندو ۽ ڪوئي هارا??ي به کٽي ويندو، عمران مقدر جو سڪندر آهي، شاهه محمود قريشي چيو ته عمران خان قوم کي خودداري ۽ ڪنڌ مٿي کڻي هلڻ جو درس ڏنو آهي، عمران خان صحت ڪارڊ ڏنو، هن وقت اسان جي ??عيشت پنج سيڪڙو جي شرح ترقي ڪري رهي آهي، عمران قومي زبان، لباس کي اجاگر ڪيو، جڏهن هندستان پلوامه کانپوءِ حملو ڪيو ته اسان جي ??ارٽي ڀارت کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو، عمران خان احساس پروگرام جي ذريعي ڪروڙين ماڻهن کي جيئن جو حق ڏنو، عمران خان پا??ستان جي ??اڻهن کي غلامي کان آزادي جو تصور ڏنو، هن چيو ته شهباز شريف سان قوم جو مينڊيٽ نه آهي، اهي عارضي اتحاد آهي جيڪو وکري ويندو، بلاول ڀٽو جنهن پراڻي پا??ستان جي ??ويد ٻڌائي رهيو آهي ان ۾ پا??ستان جو ٻار ٻار قرضي آهي، اهي ماڻهو پا??ستان کي فيٽف جي گري لسٽ ۾ ڇڏي ويا، اڄ ملڪ جي ??ر اداري ۾ ڪرپشن پا?? پڪي ڪري رهي آهي، اڄ خدمتون فراهم ڪندڙ مڪمل ناڪام ٿي چڪا آهن، هن چيو ته تحريڪ انصاف فوج جي ??ربانين کي سلام پيش ڪري، ٻاهرين مداخلت ٿي آهي جنهن جو اعتراف نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل ڪري رهي آهي، اڄ ان پراسيس ۾ شامل ٿيڻ ان عمل کي جائز قرار ڏيندو ان لاءِ اليڪشن جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪري رهيو آهيان، پارٽي جي اجتماعي فيصلي کي سامهون رکندي اڄ مستعفي ٿيڻ جو اعلان ڪريون ٿا.