اسلام آباد – 08 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر فيصل جاويد چيو آهي ته مخالف ڌر اڳواڻن پنهنجا اثاثا ٻاهرين ملڪ ٺاهيا آ??ن، اهي عمران خان ۽ احتساب ??ي ڊپ کان گڏجي رهيا آ??ن، عدم اعتماد جي رٿ بي شڪ کڻي اچن، ناڪامي انهن جو مقدر بڻجندي، اهي لُٽيل دولت وطن واپس آڻيندا. سينيٽ ۾ اعتراض واري نقطي تي خيالن جو اظهار ڪندي هن چيو ته ??وام جي پئسي سان ايوان جي ڪارروائي هلندي آهي پر مخالف ڌر بار بار ڪورم جي نشاندهي ڪري هلي ويندي آهي، اهي جيڪو مرضي ڪري وٺن، ناڪامي انهن جو مقدر هوندي، ايماندار صوبيدار اچي وڃي ته ??مورا چور گڏجي ويندا آ??ن، مقصود نوڪر جي اڪائونٽ مان 35 ڪروڙ ڪٿان آيا سڀ ڄاڻن ٿا، 14 مل??زمن جي اڪائونٽس ۾ 1600 ڪروڙ روپيا جمع ڪرايا ويا، مخالف ڌر اڳواڻن پنهنجا اثاثا ٻاهرين ملڪ ٺاهيا آ??ن، سري محل ۽ ايون فيلڊ اپارٽمينٽس انهن جي ملڪيت آ??ن، هن چيو ته ??نهن جو پنهنجي ملڪ سان ڪا به ڏي وٺ نه آهي، 1999ع کان 2017ع تائين نيب 290 ارب روپين جون وصولين ڪيون جڏهن ته ??حريڪ انصاف جي پهرين ٽن سالن ۾ 484 ارب روپيا وصول ڪيا ويا آ??ن، هن چيو ته وزيراعظم عوامي رابطا مهم شروع ڪرڻ وڃي رهيو آهي، مخالف ڌر جيڪو مرضي ڪري وٺي عمران خان جو ڪجهه بگاڙي نٿي سگهي، کيس اين آر او نه ملندو.