اسلام آباد – 21 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزير??عظ?? عمران خان چيو آهي ته خيبرپختونخوا ۾ زيتون جي پوک سان آبادگارن جي ترقي ۽ ملڪ کاڄرو تيل ۾ پاڻڀرو ٿيندو، خيبرپختونخوا ۾ سياحت جي فروغ لاءِ جاري ترقياتي منصوبن کي جلد مڪمل ڪيو وڃي. هن اها هدايت خيبرپختونخوا ۾ جاري ترقياتي منصوبن ??ابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي. اجلاس ۾ قومي اسيمبلي جو اسپيڪر اسد قيصر، دفاع وارو وزير پرويز خٽڪ، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن وارو وفاقي وزير علي امين گنڊاپور، خيبرپختونخوا جو گورنر شاهه فرمان، خيبرپختونخوا جو وڏو وزير محمود خا??، انفارميشن ٽيڪنالاجي وارو صوبائي وزير عاطف خان به موجود هئا. وزير??عظ?? چيو ته حڪومت ڏورانهن سياحتي ماڳن تائين پهچ ۽ معاشي سرگرمين کي تيز ڪرڻ لاءِ صوبي ۾ انفرااسٽرڪچر جي منصوبن ??ي تيزي سان ڪم ڪري رهي آهي، وزير??عظ?? چيو ته خيبرپختونخوا ۾ سياحت جي فروغ لاءِ جاري ترقياتي منصوبن کي جلد مڪمل ڪيو وڃي، خيبرپختونخوا م زيتون جي پوک سان آبادگارن جي ترقي ۽ ملڪ کاڄرو تيل ۾ پاڻڀرو ٿيندو، اجلاس ۾ وزير??عظ?? کي خيبرپختونخوا ۾ جاري ترقياتي منصوبن ??ي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ان کانسواءِ صوبي جي سياسي صورتحال، ايندڙ بلدياتي چونڊن ۽ پارٽي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، وزير??عظ?? صوبي ۾ جاري ترقياتي منصوبن کي جلد مڪمل ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون.