اسلام آباد – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آه?? ته پي ٽي وي ملڪ جي نظرياتي سرحدن جو محافظ اهم نشرياتي ادارو آه??، پي ٽي وي کي جديد دور جي گهرجن سان هم آه??گ ڪرڻ اسان جي اولين ترجيحن ۾ شامل آه??. اها ڳالهه هن پي ٽي وي سينٽرل ايمپلائيز يونين مشعل جي نئين چونڊيل عهديدارن سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. يونين عهديدارن پي ٽي وي ملازمن جي هائوس ريڪوزيشن الائونس ۾ 50 سيڪڙو ۽ بنيادي پگهار ۾ 10 سيڪڙو اضافي تي اطلاعات واري وفاقي وزير جا ٿورا مڃيا. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اداري جي بهتري جو دارومدار ملازمن جي بهتر ڪارڪردگي تي آه??، ادارو خوشحال ٿيندو ته ملازمن جي ڀلائي جي لاءِ قدم کڻي سگهبا. هن چيو ته پي ٽي وي جي ملازمن جي تربيت جي لاءِ ايڇ آر کي بهتر بڻايو پيو وڃي، پي ٽي وي جي ترقي ۽ بهتري جي لاءِ پيشيواراڻي بنيادن تي ري اسٽرڪچنگ ڪئي پئي وڃي. چوڌري فواد حسين چيو ته مقابلي ۽ چٽاڀيٽي جي دور ۾ پي ٽي وي ۾ اڳتي وڌڻ جون سموريون صلاحيتون موجود آه??. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پي ٽي وي ۽ ريڊيو جي ملازمن جي لاءِ هائوسنگ اسڪيم آندي پئي وڃي جڏهن ته سمورن ملازمن کي هيلٿ ڪارڊز جي فراهمي جو منصوبو پڻ غور هيٺ آه??. هن چيو ته پي ٽي وي کي جديد ٽيڪنالاجي سان هم آه??گ ڪرڻ جي لاءِ مرحليوار حڪمت عملي تي ڪم ڪيو پيو وڃي، پي ٽي و?? نيوز کي ايڇ ڊي ڪيو ويو آه??، پي ٽي وي اسپورٽس ۽ پي ٽي وي هوم کي ايڇ ڊي ڪرڻ جي لاءِ قدم جاري آه?? جڏهن ته پي ٽي وي لاهور، ڪراچي ۽ پشاور مرڪزن جي اپ گريڊيشن جي لاءِ جلد قدم کنيا ويندا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان پي ٽي وي کي بي بي سي جي طرز تي ٺاهڻ چاهيون ٿا. چوڌري فواد حسين چيو ته هو پي ٽي وي جي ملازمن سان گڏ بيٺل آه??، ملازمن جي ڀلائي لاءِ قدم کڻڻ اسان جي اولين ترجيح آه??. هن چيو ته پي ٽي وي قومي اثاثو آه??، وقت سان گڏوگڏ پي ٽي وي کي وڌيڪ بهتري طرف گامزن ڪنداسين. ملاقات ڪندڙ پي ٽي وي سينٽرل ايمپلائيز يونين (مشعل) سي بي اي جي عهديدارن ۾ چيئرمين ابراهيم ڪمال، صدر جهانگير خان، جن??ل سيڪريٽري چوڌري فاروق احمد، چيف آرگنائيزر جميل قادري، ڊپٽي چيئرمين عمران خان، ڊپٽي پريزيڊنٽ حاجي اورنگزيب، سينيئر وائيس چيئرمين ملڪ لطيف، ايڊيشنل جن??ل سيڪريٽري سليم شاهه، ايسوسيئيٽ جن??ل سيڪريٽري راجا سجاد، هيڊ آف پي ٽي و?? نيوز وقاص ضياءَ بٽ، مرڪزي اڳواڻ ملڪ افضال احمد ۽ چيئرمين هيڊ آفيس اويس گوندل شامل هئا.