پي ٽي آءِ جا ارادا پرامن احتجاج جا نه هئا، انهن سدائين لاشن تي سياست ڪئي آهي، ماضي ۾ پي ٽي آءِ عام شهرين جي جنازن تي پنهنجا جهنڊا هنيا، احتجاج جي حوالي سان سوشل ميڊيا تي ڪوڙيون خبرون ڦهلايون پيون وڃن: عطاءُ الله تارڙ

image

اسلام آباد – 28 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته پي ٽي آءِ جا ارادا پرامن احتجاج جا نه هئا، انهن سدائين لاشن تي سياست ڪئي آهي، ماضي ۾ پي ٽي آءِ عام شهرين جي جنازن تي پنهنجا جهنڊا هنيا، احتجاج جي حوالي سان سوشل ميڊيا تي ڪوڙيون خبرون ڦهلايون پيون وڃن، پولي ڪلينڪ ۽ پمز اسپتال پڻ سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ سمورين افواهن جي ترديد ڪئي آهي، مظاهرين تي ڪا سڌي فائرنگ ناهي ٿي، جيڪڏهن فوتگيون ٿيون آهن ته ثبوت پيش ڪن، پي ٽي آءِ اندروني ڇڪتاڻ جو شڪار آهي، انهن جي احتجاج ۾ پارٽي قيادت گم هئي. منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال سان گڏ پرڏيهي ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد گذريل ڪيترن ئي ڏانهن کان گهيري هيٺ هو، شرپسند گروهه اسلام آباد ۾ امن خراب ڪرڻ چاهيندا هئا، اهڙي موقعي تي پرتشدد احتجاج ڪيو ويو جڏهن بيلاروس جو وفد پاڪستان جي دوري تي هو. هن چيو ته شرپسندن وٽ جديد ترين هٿيار هئا، انهن وٽ ڳوڙها آڻيندڙ گئس جا شيلز، پٿر ۽ گليل پڻ موجود هيون. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو حڪم هو ته ڪنهن به قسم جو ڪو احتجاج نه ٿيندو، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حڪم جي خلاف ورزي ڪندي انهن شرپسندن ريڊ زون ۾ داخل ٿي تباهي مچائڻ جي ڪوشش ڪئي. هن چيو ته اسان انهن کي سنگجاڻي ۾ احتجاج ڪرڻ جي آڇ ڪئي جتي پرامن طرقي سان احتجاج ٿي سگهيو پئي جڏهن ته پرامن احتجاج انهن جو ارادو نه هو. وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته ٻه ڏينهن اڳ هڪ فوٽيج جاري ڪئي وئي جنهن ۾ پيشيور ماڻهن کي فائرنگ، هٿيار، ڳوڙها آڻيندڙ گئس جا شيل، پيلٽ گنز جو استعمال ڪندي ڏسي سگهجي ٿو، شرپسندن جي حملن سان رينجرز ۽ پوليس اهلڪار شهيد ٿيا، انهن شهيدن جو رت ڪنهن جي هٿ ڳوليون؟ هن چيو ته سوشل ميڊيا تي ڪوڙو بيانيو ٺاهيو ويو ته رينجرز جي جوانن کي انهن جي پنهنجي ئي ماڻهن شهيد ڪيو. وفاقي وزير چيو ته ڏوهاري جي سڃاڻپ ڪئي وئي آهي، ان جو تعلق ايبٽ آباد خيبرپختونخواهه سان آهي. هن چيو ته شرپسند اسلام آباد جو امن خراب ڪرڻ چاهيندا هئا، انهن جو ڪو عوامي مطالبو نه هو، اهي پنهنجي اڳواڻ کي آزاد ڪرائڻ چاهيندا هئا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته سيڪيورٽي فورسز وفاقي گادي واري شهر ۾ امن قائم ڪيو، اسان 37 افغان شرپسندن کي گرفتار ڪيو. هن چيو ته افغانستان اسان جو دوست ملڪ آهي، اسان جا افغانستان دوستاڻا لاڳاپا آهن پر سوال پيدا ٿئي ٿو ته افغان شهري اسلام آباد ۾ سياسي پارٽي جي احتجاج ۾ ڇا ڪري رهيا هئا؟ وفاقي وزير چيو ته 2013ع کان 2017ع تائين امن قائم ڪرڻ جي لاءِ وڏي پئماني تي آپريشن ڪيا ويا، خيبرپختونخواهه ۾ امن واپس آندو، ڪراچي ۾ امن واپس آندو، دهشتگردي جي واقعن ۾ گهٽتائي ٿي ۽ ان کانپوءِ باني چيئرمين پي ٽي آءِ جو دور شروع ٿيو جنهن پنهنجي دور ۾ طالبان کي واپس آندو جنهن جو ڪِيتو اڄ ڀوڳي رهيا آهيون، اڄ خيبرپختونخواهه ۾ دهشتگردي جي لهر جاري آهي ۽ وڏي وزير کي اتي امن امان ۾ ڪا دلچسپي نه آهي. هن چيو ته ڪرم ايجنسي ۾ 50 لاش ڪِريا ۽ هي اسلام آباد جو گهيراءُ ڪرڻ ۾ مصروف هئا. هن چيو ته ملڪ ۾ دهشتگردي جو ذميوار رڳو هڪ شخص آهي جيڪو تشدد کي فروغ ڏئي رهيو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته هي اها ئي پارٽي آهي جنهن مذهب کي هٿيار جي طور استعمال ڪيو، سعودي عرب جي خلاف بيان ڏيڻ جو انهن جو ڪهڙو مقصد هو؟ هي ملڪ جي عوام جي مذهبن جذبن سان کيڏڻ چاهين ٿا، اهي مذهب کي پنهنجي سياسي مقصدن جي لاءِ استعمال ڪرڻ چاهين ٿا. هن چيو ته شرپسندن ميڊيا هائوسز تي ڀڃ ڊاهه ڪئي جنهن جي مذمت ڪريون ٿا. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پي ٽي آءِ اندروني ڇڪتاڻ جو شڪار آهي، انهن جي احتجاج ۾ انهن جي قيادت موجود نه هئي، عاطف خان، شهرام ترڪئي، اسد قيصر، حماد اظهر، شيخ وقاص اڪرم ڪٿي هئا؟ عليمه خان ۽ بشريٰ بي بي جي وچ ۾ اڳ ۾ ئي جهيڙو آهي. هڪ ٻئي سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته سوشل ميڊيا تي مظاهرين جي حوالي سان جعلي فهرست گردش ڪري رهي آهي، جيڪڏهن ڪا فوتگي ٿي آهي ته ثبوت پيش ڪن. هن چيو ته پي ٽي آءِ لاشن تي سياست ڪرڻ چاهي ٿي، ماضي ۾ انهن عام شهرين جي جنازن تي پي ٽي آءِ جا جهنڊا هنيا. هن چيو ته پولي ڪلينڪ ۽ پمز اسپتال ڪنهن به شخص کي گولي لڳڻ يا مارجڻ جي ترديد ڪئي آهي، اسپتال عملدارن سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ سمورين افواهن جي ترديد ڪئي آهي، ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ، اسپتال انچارج ۽ صحت واري وزارت ان بابت لکت ۾ معلومات جاري ڪئي آهي. ان موقعي تي اطلاعات واري وفاقي وزير پرڏيهي ميڊيا کي ڳوڙها آڻيندر گئس جا شيل ۽ بلور پن ڏيکاريا جيڪي هن پاڻ احتجاج جي جڳهه تان گڏ ڪيا. وفاقي وزير چيو ته مون پاڻ احتجاج جي جڳهه تان ڳوڙها آڻيندڙ گئس جا شيلز، پٿر ۽ بلور کنيا، اهي سمورا ثبوت مون ڪنٽينر جي ٻئي طرف کان گڏ ڪيا. هن چيو ته ڪيترائي اهلڪار ان سان زخمي ٿيا. وفاقي وزير چيو ته سيڪيورٽي ادارن پاران ڪنهن به قسم جو هٿيار استعمال نه ڪيو ويو، انهن وٽ ڪو ثبوت آهي ته پيش ڪن. هن چيو ته سياسي پارٽي پنهنجي هر ايونٽ جي وڊيو تيار ڪري ٿي، جيڪڏهن انهن وٽ سڌي فائرنگ جا ڪي ثبوت آهن ته سامهون آڻين. هن چيو ته هي مصنوعي ذهانت سان به ڪا وڊيو تيار نه ڪري سگهيا، اسان وٽ سي سي ٽي وي فوٽيجز آهن، انهن فوٽيجز ۾ سمورو رڪارڊ موجود آهي، سيڪيورٽي فورسز پاران سڌي فائرنگ ناهي ڪئي وئي.

مضمون کا ماخذ : کلیوپیٹرا
سلاٹس پر مفت اسپن کو کیسے متحرک کریں۔_سلاٹ بونس گیمز_علامتیں_آٹو پلے سلاٹ گیمز_فون سلاٹ گیمز کے ذریعے ادائیگی کریں۔ سلاٹ گیمز کے ساتھ کیسینو_آن لائن کیسینو سلاٹ مشینیں۔_عملی پلے سلاٹس_آٹو پلے سلاٹ گیمز_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں بہترین فطرت پر مبنی سلاٹس_سلاٹ مشین ایپس_Novomatic Slot Machines_افسانوی مخلوق سلاٹ مشینیں_سلاٹ مشین کے جائزے اور درجہ بندی پاکستان کے لیے ٹاپ اردو سلاٹ ایپس_آٹو پلے کی خصوصیات کے ساتھ بہترین سلاٹس_سب سے بڑے سلاٹ جیک پاٹس_مائیکرو گیمنگ سلاٹس_ویڈیو سلاٹس پر جیتنے کا طریقہ NetEnt Slot Games_iOS آلات پر سلاٹ گیمز کھیلیں_فوری جیت کے ساتھ سلاٹس_بونس راؤنڈ کے ساتھ سلاٹ مشین_سلاٹ گیمز اسلام آباد میں مقبول ہیں۔ نیٹلر سلاٹس_پاکستان میں موبائل کے لیے مفت سلاٹ گیمز_پاکستان کے لیے آن لائن سلاٹس_گولیاں کے لیے مفت سلاٹ گیمز_ٹاپ ریٹیڈ سلاٹ ایپس بڑے جیک پاٹس کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_فوری کھیلنے کے اختیارات کے ساتھ سلاٹ گیمز_اردو میں کیسینو سلاٹس_پاکستانی کھلاڑیوں کے لیے آن لائن سلاٹ ٹورنامنٹ_ٹاپ سلاٹ گیم فورمز ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پلےٹیک سلاٹس_سلاٹ مشین_سلاٹ مشین کی ادائیگیوں کو محفوظ بنائیں_آئی فون پر سلاٹ گیمز ہائی لمیٹ سلاٹ مشینیں۔_سمندری ڈاکو سلاٹ مشینیں۔_فوری جیت سلاٹ مشینیں_کیسینو سلاٹ گیمز فیڈ بیک_ایک سے زیادہ بونس راؤنڈ کے ساتھ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس