اسلام آباد – 25 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان امير ملڪن کان غيرقانوني طور منتقل ٿيل ۽ ڦريل دولت فوري طور تي واپس ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته اسرندڙ ملڪن کي چوري ٿيل سندن دولت واپس ڪئي وڃي، مني لانڊرنگ ۽ دولت جي چوري سان اسرندڙ ملڪن ۾ غربت وڌي رهي آهي، اها رقم بدعنوان اشرافيه هڙپ ڪري وڃي ٿي، ڪجهه مصلحتن جي ڪري امير ملڪ ڏوهاري سرگرمين جي خاتمي لاءِ سياسي ارادي جي قوت کان عاري آهن، ان عمل جو رستو نه روڪيو ويو ته امير ۽ غريب قومن جي وچ ۾ اڻ برابري وڌندي، دنيا ۾ عالمي بحران پيدا ٿي??دو?? مني لانڊرنگ ۽ انهن جي مدد ڪندڙن جي خاتمي لاءِ ڪوششون ورتيون وڃن، ڀارت پاڪستان تي جيڪڏهن ڪا جارحيت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان جو ڀرپور جواب ڏنو وي??دو?? اسان ??ارت جي مسلسل جنگبندي جي خلاف ورزين ۽ اشتعال انگيزي جي باوجود صبر جو مظاهرو ڪيو آهي، ڪشمير کي ??حي?? طور تي نيوڪليئر فل??ش پوائنٽ چيو وڃي ٿو، اسان تنقيد جي باوجود ڪورونا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سمارٽ لاڪ ڊائون جي پاليسي اختيار ڪئي ۽ ان جا لاڀائتا نتيجا م??يا آهن، اسان غريب عوام سميت پنهنجي معيشت کي وڏي نقصان ??ان بچايو آهي. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 75 هين اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان ??يو ته مون کي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي هڪ ڀيرو ٻيهر خطاب ڪندي خوشي محسوس ٿي رهي آهي.