اسلام آباد – 17 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جاپان جي نئين چونڊيل وزيراعظم يوشي هيڊي سوگا کي سندس چونڊ تي مبارڪباد ڏ??ي آهي، ٽوئيٽر تي پنهنجي مبارڪباد واري پيغام ۾ وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته هو پاڪستان ۽ جاپان جي وچ ۾ دوستاڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۽ ٻن??ي ملڪن جي وچ ۾ تعاون وڌائڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جا خواهشمند آهن.