پيرس – 22 – جون (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف چيو آهي ته ترقي يافته ملڪ ماحولياتي مسئلن مسئلن سان اسرندڙ ملڪن جي واڌويجهه جي شرح تي پوندڙ منفي اثرن مان نڪرڻ ۾ مدد جي لاءِ خصوصي ڪردار ادا ڪن، اسرندڙ ملڪن کي وسيلن جي فراهمي ??ي لاءِ عالمي مالياتي ڍانچي ۾ سڌارا ضروري آهن. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزي??اع??م محمد شهباز شريف ماحوليات جي لاءِ آمريڪي صد?? جي خصوصي نمائندي ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير جان ڪيري سان ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن جي ملاقات نئين عالمي مالياتي معاهدي بابت عالمي ??ربراهي اجلاس جي موقعي تي ٿي. وزي??اع??م شهباز شريف ۽ جان ڪيري هڪ ٻئي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزي??اع??م شهباز شريف ماحوليات جي مسئلي تي جان ڪيري ۽ آمريڪي حڪومت جي ترجيحن کي ساراهيو. وزي??اع??م محمد شهباز شريف ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته ماحولياتي مسئلا دنيا جو گڏيل مسئلو آهي جنهن جي لاءِ گڏيل حڪمت عملي ۽ ڪوششون گهربل آهن. جان ڪيري کي ماحوليات جي لاءِ آمريڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو آمريڪي صد?? جو خصوصي نمائندو مق??ر ڪرڻ ان مسئلي جي اهميت جو ادراڪ آهي. هن چيو ته وڌندڙ ماحولياتي مسئلا خاص طور تي اسرندڙ ملڪن جي ترقي ۽ واڌويجهه جي شرح کي بري طرح متاثر ڪري رهيا آهن، شديد معاشي مشڪلاتن ۾ 2022ع ۾ ايندڙ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ مسئلن کي وڌيڪ مشڪل بڻائي ڇڏيو. وزي??اع??م چيو ته اسرندڙ ملڪ ماحولياتي مسئلن سان اسرندڙ ملڪن جي واڌويجهه جي شرح تي پوندڙ منفي اثرن مان نڪرڻ ۾ مدد جي لاءِ خصوصي ڪردار ادا ڪن، ڪوپ – 27 ۾ لاس اينڊ ڊيميج فنڊ قائم ڪرڻ کانپوءِ وسيلن جي فراهمي ??ي واعدن کي عملي شڪل ڏيڻ اهم آهي، نئين عالمي مالياتي معاهدي جي لاءِ پيرس سربراهي ڪانفرنس اسرندڙ ملڪن جي لاءِ اميد جو پيغام آهي، اسرندڙ ملڪن کي وسيلن جي فراهمي ??ي لاءِ عالمي مالياتي ڍانچي ۾ سڌارا ضروري آهن. جان ڪيري موسمياتي تبديلين جي مسئلي سان اسرندڙ ملڪن جي لاءِ خطرن ۾ اضافي سان اتفاق ڪيو. ٻنهي اڳواڻن گڏيل ڪوششن جي لاءِ رابطو برقرار رکڻ ۽ مشاورت سان اڳتي وڌڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.