اسلام آباد -13 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجه پرويز اشرف چيو آهي، ته سنڌ کي سامونڊي طوفان سبب خطرا آهن، سنڌ جي عوام کي انتهائي محتاط رهندي حڪومتي هدايتن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ گهرجي. قومي اسيمبلي ۾ وفاقي وزير شازيه عطا مري ۽ انجن??ئر صابر حسين قائمخاني طرفان اٿاريل معاملي تي رمارڪس ۾ اسپيڪر چيو ته هي تمام وڏو مسئلو آهي، الله پاڪ کان دعا آهي ته الله سائين ان خطري کان اسان کي محفوظ رکي، اسان جي زميني ۽ سامونڊي فوج به ڪم ڪري رهي آهي، ان کان ع??اوه سنڌ حڪومت پاران کنيل قدم قدر جوڳا آهن، سنڌ جي عوام کي ان صورتحال ۾ انتهائي محتاط رهڻ گه??جي ۽ حڪومتي هدايتن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ گهرجي.