اسلام آباد – 24 – مئي (اي پي پي) وزيراعظ?? محمد شهباز شريف چيو آهي ته وطن جي شهيدن ۽ غازين کي عقيدت جو سلام پيش ڪرڻ جي ل??ءِ ”تڪريم شهد??ءِ پاڪستان ڏهاڙو“ سڀاڻي خميس ڏينهن ملهايو پيو وڃي، ان ڏينهن دنيا کي ڏ??کاري ڇڏيو ته اسان شهيدن سان محبت ۽ انهن جو احترام ڪندڙ قوم آهيون. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته قوم جو هر ٻار سڀاڻي قومي جذبي سان سرشار ٿي گهرن مان نڪري، شهيدن جي مزارن، يادگارن تي حاضر ٿي گل نڇاور ڪري. فاتحه خواني ڪري. دنيا کي ڏ??کاري ڇڏيو ته اسان شهيدن سان محبت ۽ احترام ڪندڙ قوم آهيون.