لنڊن – 05 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف برطانيا جي بادشاهه چارلس ٽي ۽ و??يراعظم رشي سنڪ سان ملاقات ڪئي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ ??طر??ن لاڳاپن کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو جڏهن ته بادشاهه چارلس ۽ برطانيا جي وزيراعظم ??طر??ن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف دولت مشترڪه ملڪن جي اڳواڻن جي اجلاس جي موقعي تي برطانيا جي بادشاهه چارلس ٽي ۽ و??يراعظم رشي سنڪ سان ملاقات ۾ نئين بادشاهه جي تاج پوشي جي تقريبن ج?? لاءِ منعقد ٿيندڙ ٻن ڏينهن واري تقريبن ج?? لاءِ شاندار انتظامن تي ٻنهي برطانوي شخصيتن کي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم گذريل سال پاڪستان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي ڏس ۾ برطانيا جي فراخدلاڻي مدد کي پڻ ساراهيو ۽ ٿورا مڃي??. ه?? تجويز ڏني ته ٻنهي ملڪن کي مختلف شعبن ۾ ??طر??ن لاڳاپن کي وڌائڻ جي ضرورت آهي. ان سلسلي ۾ وزيراعظم هڪ گڏيل ڪميشن قائم ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي جنهن جي سربراهي ٻنهي ملڪن جا سربراهه ڪن. بادشاهه چارلس ٽي ۽ برطانوي وزيراعظم رشي سنڪ پڻ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ??طر??ن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ پنهنجي دلچسپي جو اظهار ڪيو ۽ برطانيا جي ترقي ۾ پاڪستاني ڪميونٽي جي ڪردار جي حوالي سان برطانيا ۾ رهندڙ پاڪستاني برادري کي ساراهيو.