اسلام آباد – 12– اپريل (اي ??ي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان پا??ستان ۾ ترڪيه جي سفير مهمت پڪاچي پرڏيهي آفيس ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ان موقعي تي ڳالهائيندي پرڏيهي وزير ??يو ته پا??ستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ تاريخي گهرا ڀائراڻا عوامي لاڳاپا آهن، ٻئي ملڪ هر مشڪل گهڙيءَ ?? هڪ ٻئي سان گڏ بيٺل رهيا آهن. بلاول ڀٽو زرداري ??يو ته پا??ستان ۾ تازي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ دوران ترڪيه پاران معاونت ساراهه جوڳي آهي. ترڪيه جي سفير زلزلي دوران پا??ستان پاران بهترين تعاون تي ٿورا مڃيا. ملاقات ۾ پا??ستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ ٻطرفن ۽ گهڻ رخي فورمز ۾ تعاون جي لاءِ عزم جو اظهار ڪيو ويو جڏهن ته ٻنهي ملڪن واپار، سيڙپڪاري، دفا??، علائقائي تعاون، تعليم ۽ ثقافت سميت مختلف شعبن ۾ تعاون جي حوالي سان گڏجي ڪم جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.