اسلام آباد – 20 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ??يو آهي ته تر??يه ۾ فيبروري ۾ آيل زلزلي سان ??يندڙ تباهي جو تازي تاريخ ۾ مثال نه ٿو ملي، هن مشڪل وقت ۾ تر??يه جي ڀينرن ڀائرن کي اڪيلو نه ڇڏينداسين، حڪومت صنعتڪارن ۽ سيڙپڪارن کي سڀئي سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊائولنس جي چيئرمين فاتح ڪمال جي صدارت ۾ تر??يه سان تعلق رکندڙ صنعتڪارن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪئي جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ تر??يه جو سفير مهمت پاچاجي پڻ موجود هو. وفد سان ڳالهائيندي وزيراعظم ??يو ته تر??يه ۾ فيبروري جي زلزلي سان ??يندڙ تباهي جو مثال تازي تاريخ ۾ نه ٿو ملي. هن ??يو ته ان تباهي تي اسان کي تمام گهڻو ڏک ۽ افسوس آهي. وزيراعظم ??يو ته پاڪستان ان زلزلي سان ??يندڙ تباهي جي حوالي سان ترجيحي بنيادن تي ريسڪيو، ريليف ۽ ميڊيڪل جون ٽيمون تر??يءَ روانيون ڪيون ۽ امدادي سامان ??وڪلڻ جو سلسلو اڄ به جاري آهي. وزيراعظم ??يو ته پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام تر??يه جي پنهنجي ڀينرن ۽ ڀائرن کي هن ڏکئي وقت ۾ اڪيلو نه ڇڏيندا. هن ??يو ته تر??يه به پاڪستان جي هر مشڪل وقت ۾ مدد ڪئي آهي. وزيراعظم وفد کي ٻڌايو ته پاڪستان ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي، صنعت، توانائي، مواصلات ۽ انفراسٽرڪچر ۾ سيڙپڪاري جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن ۽ حڪومت سيڙپڪارن ۽ صنعتڪارن کي سموريون سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي. وفد وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ته ڊائولينس جي پاڪستان ۾ قائم ڪيل يونٽ ۾ وڏي پئماني تي سيڙپڪاري ڪئي پئي وڃي ته جيئن جديد ٽيڪنالاجي سان ??يس ان جي ايفيشينٽ مصنوعات تيار ڪيون وڃن. ڊائولينس جي پاڪستان ۾ پروڊڪشن پلانٽ کي ريجنل ايڪسپورٽ حب بڻائڻ جي حوالي سان ??ڻ حڪمت عملي بڻائي پئي وڃي. وفد وڌيڪ ٻڌايو ته ڊائولينس ڪراچي کانپوءِ اسلام آباد جي نيشنل يونيورسٽي آف سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي ۾ به ريسرچ ۽ ڊيول??مي??ٽ سينٽر قائم ڪيو آهي، جيڪو اڪيڊميا ۽ انڊسٽري جي وچ ۾ رابطو هوندو. هن سينٽر سان انجنيئرز کي ٽيڪنيڪي مدد ۽ ڪيپيسٽي بلڊنگ ۾ مدد ملندي. وفد وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ته آرچ ليڪ (جيڪو تر??يه جي هڪ هائوس هولڊ صنعت آهي) تر??يه ۾ موجود پاڪستاني شاگردن کي مسلسل ٻن سالن کان انٽرن شپ فراهم ڪري رهي آهي، جنهن سان ??ه رڳو شاگردن کي انڊسٽري جي گهرجن کان ??م آهنگ ڪرڻ ۾ مدد ملي رهي آهي پر ڪيترائي پاڪستاني شاگرد ان ڪمپني ۾ ملازمت به حاصل ڪري چڪا آهن. وزيراعظم ڊائولينس کي درپيش سڀني آپريشنل مسئلن جي حل لاءِ لاڳاپيل عملدارن کي قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم وفد جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي وفد جا ٿورا مڃيا. ان ??وقعي تي سيڙپڪاري بورڊ وارو وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين، وزيراعظم جو خاص معاون جهازيب خان ۽ لاڳاپيل سرڪاري آفيسر پڻ موجود هئا.