اسلام آباد – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف ازبڪستان سان ٻطرفن لاڳاپن جي فروغ لاءِ پاڪستان جي عزم کي ورجائيندي چيو آهي ته خطي ۾ رابطن جي منصوبن سان نه رڳو واپاري ڪميونٽيز کي ويجهو آڻڻ ۾ مدد ملندي پر ان سان ٻنهي ملڪن ۽ خطي ۾ امن ۽ خوشحالي جي نئين دور جي شروعات پڻ ٿيندي. وز??راعظم محمد شهباز شريف اها ڳالهه ازبڪستان جي نائب وز??راعظم، سيڙپڪاري ۽ ٻاهرئين واپار واري وز??ر خودجائيوف جمشيد عبدو حڪيموف جي قيادت ۾ ازبڪستان جي وفد سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي چئي. گذريل سيپٽمبر ۾ ثمرقند ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس ?? ايشيا ۾ رابطن ۽ اعتمادسازي تي ٻڌل قدمن تي آڪٽوبر 2022ع ۾ قزاخستان ۾ ٿيندڙ ڇهين سربراهي اجلاس جي موقعي تي ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزائيوف سان پنهنجي ملاقاتن جو حوالو ڏيندي وز??راعظم پاڪستان پاران ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ مثالي دوستاڻن لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي عزم کي ورجايو. وز??راعظم چيو ته پاڪستان رستن ۽ ريلويز جي ذريعي وچ ايشيا تائين پهچ جي آڇ ڪري رهيو آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته خطي ۾ رابطن جي انهن منصوبن سان نه رڳو واپاري ڪميونٽيز کي ويجهو آڻڻ ۾ مدد ملندي پر ان سان ٻنهي ملڪن ۽ خطي ۾ امن ۽ خوشحالي جي نئين دور جي شروعات ٿيندي. ازبڪستان جي وفد وز??راعظم کي پاڪستان ۾ اقتصاديات جي وزارتن سان ٿيندڙ ملاقاتن بابت ٻڌايو جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ معيشت جي شعبن ۾ لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ تي اتفاق ٿيو آهي. ازبڪستان جي نائن وز??راعظم، سيڙپڪاري ۽ ٻاهرئين واپار واري وز??ر خودجائيوف جمشيد عبدو حڪيموف وز??راعظم کي مختلف شعبن ۾ پاڪستان ۽ ازبڪستان جي واپاري گروپن جي وچ ۾ ٿيندڙ ملاقاتن ۽ اجلاسن کان پڻ آگاهه ڪيو. وز??راعظم ٻنهي ملڪن جي بزنس ڪميونٽيز جي وچ ۾ واپاري رابطا قائم ڪرڻ جي لاءِ ثمر آور ڳالهه ٻولهه کي ساراهيو ۽ چيو ته ان سان ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري کي فروغ ملندو. ازبڪستان جي وفد وز??راعظم جا ٿورا مڃيا ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي دوستي کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ ۽ رابطن ۾ واڌاري جي عزم کي ورجايو. وز??راعظم ان ڳالهه کي ورجايو ته پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ دوستي وقت گذرڻ سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿي رهي آهي ۽ ازبڪستان جي نائب وز??رعاظم جي قيادت ۾ و??د جي دوري سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وڌندڙ لاڳاپن جي عڪاسي ٿي رهي آهي.