اسلام آباد – 15 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب عمران خان کي ذهني مريض قرار ڏيندي چيو آهي ته عوام عمران خان جو چور چور جو ڪوڙو ??يانيو ٻڌڻ بند ڪري ڇڏيو ??هي?? پنجاب حڪومت جي ذريعي تعليمي ادارن کي سياسي اکاڙو ??ڻايو پيو وڃي، نوجوان ورڇ ۽ فساد جي سياست کان پري وڃي رهيا آهن، ٻارن کي گهٽيا سياست ۾ گهلڻ جو سلسلو بند ڪيو وڃي. صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ پنجاب حڪومت جي ذريعي اسڪولن، درسگاهن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين کي اختيارن جو ناجائز استعمال ڪندي سياسي اکاڙو ??ڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي جيڪو نوجوان نسل جي لاءِ ڪنهن به طور تي صحيح نه آهي. هن چيو ته نوجوان نسل کي خبر آهي ته اها ورڇ، انتشار ۽ فساد تي ٻڌل ڪنهن سياست جو ??صو نه بڻجندي، اهي ٻار ڄاڻين ٿا ته 2018ع ۾ ملڪ 6.1 جي شرح سان ترقي ڪري رهيو هو، مهانگائي 3 سيڪڙو هئي، ملڪ ۾ 14 هزار ميگاواٽ بجلي ٺهي چڪي هئي، سي پيڪ جا م??صو??ا هلي رهيا هئا، نوجوانن کي روزگار ملي رهيو هو، پرائيم منسٽر يوٿ پروگرام ۽ هيلٿ ڪارڊ جي سهولت ميسر هئي، موٽرويز ٺهي رهيون هيون، ملڪ ترقي جي رستي تي گامزن هو. هن چيو ته عمران خان جي چار سال جي ڪارڪردگي سڀني جي سامهون ??هي?? عمران خان جيڪي الزام هنيا اهي چوريون هن پاڻ ڪيون. هن چيو ته اختيارن جو ناجائز استعمال ڪندي ٻارن کي گهٽيا سياست ۾ گهلڻ جي ڪوشش نه ڪئي وڃي. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته توشه خانه اوپن اينڊ شٽ ڪيس ??هي?? اهو رڳو گهڙين جو معاملو نه ??هي?? عمران خان اربين رپين جا تحفا ڊڪليئر نه ڪيا، گهڙي خريد ڪرڻ کان اڳ وڪرو ڪئي ۽ بعد ۾ پئسا جمع ڪرايا ويا. هن چيو ته چار سال ملڪ تي پروپئگنڊه گروهه مڙهيل هو، اختيار موجود هئا، ادارا ۽ رڪارڊ به موجود هو، هن جيڪي الزام هنيا، اهي هڪ به ثابت نه ڪري سگهيا. هن چيو ته ٻين کان 40 سالن جو حساب وٺندڙن کي پنهنجو چئن سال جو حساب ڏيڻ گهرجي، عمران خان جي دور ۾ انرجي مافيا ۽ پيٽروليم مافيا ڌاڙا هنيا، عمران خان کي پنهنجي چورين جو حساب ڏيڻو پوندو.