اسلام آباد – 21 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بنون ۽ ٻين ??لا??قن ۾ دهشتگردن جي ڪاررواين جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ??ه دهشتگردي ذريعي پاڪستان ۾ افراتفري پکيڙڻ جي ڪڌي ڪوشش کي سختي سان منهن ڏين??اس??ن، دهشتگردي جو مسئلو قومي سلامتي جو حساس معاملو آهي، گڏيل سوچ ۽ حڪمت عملي جي ضرورت آهي. وزراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته رياست ڪنهن به دهشتگرد گروهه يا تنظيم آڏو نه جهڪندي، دهشتگردن کي آئين ۽ قانون موجب منهن ڏنو ويندو. وفاقي حڪومت دهشتگردن جي ٻاهرئين سهولتڪاري ۽ پناهگاهن جو خاتمو به ڪندي، پوري قوم دلير فوج سان گڏ دهشتگردي جو خاتمو ڪري رهندي. وزراعظم دهشتگردي جي خلاف ڪم ڪندڙ فورسز جي جذبي ۽ عزم کي خراج تحسين پيش ڪيو. وزيراعظم زخمين جي جلد صحتيابي جي دعا ۽ ??لا?? جي بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته شهيدن جون قربانيون ضايع ٿيڻ نه ڏين??اس??ن، رد الفساد ۽ ضرب عضب دهشتگردي جي خاتمي لاءِ اهم قدم هئا. هٿياربند فوج، پوليس، رينجرز ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي آفيسرن ۽ جوانن جون عظيم قربانيون وسارڻ جوڳيون نه آهن. امن امان جي بنيادي ذميواري ??وب?? جي آهي پر وفاق ان سنگين مسئلن تي اکيون بند نه ٿو ڪري سگهي. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جي مقابلي لاءِ ??وب?? سان گڏجي ڪم ڪن??اس??ن. دهشتگردي جي خاتمي لاءِ نيشنل ايڪشن پلان تي مڪمل عملدرآمد ڪرائين??اس??ن. صوبائي حڪومت جي صلاحيت ۽ سگهه ۾ اضافو دهشتگردي جي خاتمي ۾ اهم آهي. وزيراعظم چيو ته وفاق ??وب?? ۾ دهشتگردي جي خاتمي واري فورس ۽ ڊپارٽمينٽ جي پيشوراڻي صلاحيت بهتر بڻائڻ ۾ مدد ڪندو. خيبرپختونخواهه ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ جي نئين سر جوڙجڪ تي ڪم ڪن??اس??ن. پنهنجي فورسز جون سموريون ضرورتون پوريون ڪن??اس??ن، جديد هٿيارن جي فرا??مي ۽ پيشيواراڻي تربيت تي ڌيان ڏنو ويندو.