اسلام آباد – 01 ??? ڊ??مبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چين جي اڳوڻي صدر جيانگ زيمن جي لاڏاڻي تي عوامي جمهوريه چين جي قيا??ت ۽ عوام سان پنهنجي دلي تعزيت جو اظهار ڪي?? آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان تعزيتي بيان ۾ صدر چيو ته چين جي اڳوڻي صدر جيانگ زيمن هڪ مشهور ڏاهو هو، جنهن مسلسل اقتصادي سڌارن جي ذريعي چين کي تيز رفتار ترقي تي گامزن ڪيو ۽ ملڪ ۾ زندگي جي معيار نمايان طور تي بلند ڪئي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اڳوڻي چين جي صدر جيانگ زيمن جي ڏاهپ پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ دوستي ۽ عوام جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته چين جي آنجهاني اڳوڻي صدر کي ان جي ملڪ جي لاءِ ان اعليٰ خدمتن ۽ ڪ??ششن جي لاءِ سدائين ياد رکيو ويندو، جنهن جي ڪري چين اڄ جي دنيا جي هڪ عظيم معاشي قوت طور سامهون آهي. صدر چيو ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ اسان چين جي عوام سان گڏ آهيون.