اسلام آباد – 04 – نومبر (اي پ?? پي( وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گڏيل ??ومن جي ريزيڊنٽ ڪوآرڊينيٽر/ هيومنٽيرين ڪوآرڊينيٽر جوليئن ??ارنيئس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ب??ان موجب ملاقات ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف جوليئن ??ارنيئس کي موسمياتي تبديلي جي ڪري ملڪ ۾ آيل تاريخ جي بدترين ٻوڏ ۽ ان جي ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ ماڻهن جي زندگين تي پ??ندڙ مستقل اثرن کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم حڪومت جي ريسڪيو ۽ ريليف جي ڪاررواين ۽ ٻوڏ متاثرين جي بحالي لاءِ قدمن تي پڻ روشني وڌي. وزيراعظم جوليئن ??ارنيئس کي ٻڌايو ته پاڪستان جيڪو اڳ ۾ ئي معاشي مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيو آه??، ٻوڏ جي ڪري 40 ارب ڊالر کان وڌيڪ جي نقصان کي منهن ڏئي رهيو آهي. وزيراعظم گڏيل ??ومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس جا پڻ ٿورا مڃيا جيڪو نه رڳو ٻوڏ متاثر علائقن جي دوري تي پاڪستان آيو پر مصيبت ۾ گهيريل ??اڪستانين جي سڄي دنيا ۾ آواز بڻجي ويو. جوليئن ??ارنيئس پاڪستاني ٻوڏ متاثرين سان همدردي جو اظهار ڪندي انهن جي بحالي لاءِ گڏيل ??ومن پاران مڪمل حمايت کي ورجايو ۽ حڪومت جي متاثرين جي لاءِ وقت سر ريسڪيو، امداد ۽ بحالي جي قدمن کي مثالي قرار ڏنو.