نوشهره – 29 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ٻوڏ متاثرين جي بحالي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون گڏجي ڪم ڪري رهيون ??هن?? متاثرين کي فوري طور تي 25، 25 هزار رپين جي مالي امداد ڏني پئي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم نوشهره ۾ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ امدادي ڪئمپ جي دوري جي موقعي تي ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم ڪئمپ ۾ رهندڙ عورتن ۽ ٻارن کان کاڌ?? ۽ ??ين سهولتن جي فراهمي بابت معلوم ڪيو. هڪ عورت ميٽرس جي عدم فراهمي جي شڪايت ڪئي جنهن تي وزيراعظم فوري طور تي کيس ميٽرس فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏنو. وزيراعظم چيو ته اسان سڀ گڏجي متاثرين جي بحالي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون. فوت ٿيندڙن جي پونئيرن کي و??اقي حڪومت پاران 10، 10 لک رپين جي مالي امداد ڏني پئي وڃي. هن چيو ته انشاءَ الله صورتحال جلد بهتر ٿي و??ندي. ان موقعي تي وزيراعظم ٻوڏ متاثرين جي مشڪلاتن جي خاتم?? ۽ ??لڪ جي لاءِ دعا پڻ ڪرائي.