اسلام آباد – 31 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاو?? ڀٽو زرد??ري سان گڏ 20 کان وڌيڪ ملڪن جي سفارتڪارن ۽ عالمي ادارن جي نمائندن ٻوڏ متاثر علائ??ن جو فضائي دورو ڪيو. پرڏيهي آفيس پاران ج??ري بيان موجب پرڏيهي وزير سان گڏ سفارتڪارن ۽ عالمي ادارن جي نمائندن سنڌ، بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه جي ٻوڏ متاثر علائ??ن جو دورو ڪيو. ترڪمانستان، بحرين، سعودي عرب، آذربائيجان، جرمني ۽ اسپين ??ا سفارتڪار ٻوڏ کان متاثر علائ??ن جي دوري جي موقعي تي بلاو?? ڀٽو زرد??ري سان گڏ هئا. پرڏيهي وزير سان گڏ آمريڪا، چين، فرانس، جاپان، اٽلي، ڏکڻ ڪوريا، قطر ۽ ترڪيه کانسواءِ گڏيل قومن سميت ٻين ??المي ادارن جي نمائندن پڻ ٻوڏ کان متاثر علائ??ن جوفضائي جائزو ورتو. وفاقي وزير سيد خورشيد شاهه ۽ سنڌ جي وڏي وزير سکر ايئرپورٽ تي پرڏيهي وزير بلاو?? ڀٽو زرداري، منصوبابندي و??ري وفاقي وزير ۽ سفارتڪارن جو استقبال ڪيو. سفارتڪارن ۽ عالمي ادارن جي نمائندن کي سکر ايئرپورٽ تي ٻوڏ سبب ٿيندڙ تباهي جي حوالي سان اين ڊي ايم اي پاران بريفنگ ڏني وئي. پرڏيهي وزير بلاو?? ڀٽو زرد??ري مختلف ملڪن جي سفارتڪارن ۽ عالمي ادارن جي نمائندن کي پاڪستان ۾ ٿيندڙ نقصانن کان آگاهه ڪيو.