اسلام آباد – 13 – جون (اي پي پي) قومي اس??مبلي جي اس??يڪر راجا پرويز اشرف چيو آهي ته انفارميشن ٽيڪنالاجي دنيا کي هڪ گلوبل وليج ٺاهي ڇڏيو آهي، پاڪستان جي پارليامينٽ ڏکڻ ايشيا جي پهرين پارليامينٽ آهي جنهن کي ڊجيٽلائيزيشن ڪيو پيو وڃي، قومي اس??مبلي سيڪريٽريٽ موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن مختلف ملڪن سان تعلق رکندڙ گوگل ماهرن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو. جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وفد جي سربراهي ٽيڪ ويلي جي چيف ايگزيڪيٽو آفيسر ڪري رهيو هو. ملاقات ۾ پارليامينٽ جي ڊجيٽلائيزيشن بابت معاملن کي غور هيٺ آندو ويو. قومي اس??مبلي جي اس??يڪر راجا پرويز اشرف چيو ته قومي اس??مبلي جي ڊجيٽلائيزيشن سان ميمبرن ۽ اس??اف جي صلاحيت ۾ اضافو ٿيندو. ڊجيٽلائيزيشن سان اس??مبلي جي ڪارروائي وڌيڪ موثر ۽ نتيجا خيز ٿيندي. هن چيو ته قومي اس??مبلي ۾ گوگل آفيس متعارف ڪرائن سان ڏکڻ ايشيا جي پهرين پيپر ليس پارليامينٽ ٺهي ويندي، ڊجيٽلائيزيشن ۽ گوگل آفيس پارليامينٽ جي ماحول کي تبديل ڪري ڇڏيندي. ڊجيٽلائيزيشن جي منظوري کي جلد مڪمل ڪرڻ جي خواهش رکان ٿو، هن چيو ته انفارميشن ٽيڪنالاجي دنيا کي هڪ گوبل وليج ٺاهي ڇڏيو، انفارميشن ٽيڪنالاجي جي استعمال سان پارليامينٽ جي ڪارڪردگي کي وڌيڪ بهتر بڻائي سگهبو، ان موقعي تي سي اي او ٽيڪ ويلي شريڪ ٿيندڙن کي بريفنگ ڏني، بريفنگ ۾ هن چيو ته پاڪستان جي پارليامينٽ ڏکڻ ايشيا جي پهرين پارليامينٽ آهي جنهن کي ڊجيٽلائيز ڪيو پيو وڃي، ٽيڪ ويلي پارليامينٽ جي ڊجيٽلائيزيشن جيڪا گوگل پا??ٽن?? آهي، قومي اس??مبلي جي مختلف آفيسن ۾ ڪم ڪندڙ عملي جي ڊجيٽلائيزيشن جي تربيت جو انعقاد ڪيو ويو آهي.