اسلام آباد – 08 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان برط??ني?? سان لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي، ٻطرفي تعاون جو وڌيڪ فروغ اسان جي ترجيحن ۾ سرفهرست آهي، پاڪستان جي عوام برطانوي شآاهي خاندان سان خصوصي لڳاءُ رکي ٿي، اهڙن ??يا??ن جو اظهار هن برٽش هاءِ ڪميشن ۾ ملڪه برط??ني?? جي تاج پوشي جي 75 سال مڪمل ٿيڻ جي حوالي سان منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته ملڪه برط??ني?? جي تاج پوشي جي تقريب ۾ شرڪت منهنجي لاءِ خوشي جوڳي آهي، برط??ني?? سان دوستي تي پاڪستان کي فخر آهي، پاڪستان جي عوام برطانوي شآهي خاندان سان خصوصي لڳاءُ رکي ٿي، جڏهن به برطانوي شاهي خاندان جي ماڻهن پاڪستان جو دورو ڪيو ته انهن جو شاندار استقبال ڪيو ويو. وزيراعظم چيو ته برط??ني?? سان لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهيون، پنجاب ۾ خادم پنجاب طور ڪم ڪندي برط??ني?? اسان جي حڪومت سان ڀرپور تعاون ڪيو ۽ پرائمري تعليم، ماءُ ۽ ٻار جي صحت ۽ پنجاب اسڪلز ڊيولپمينٽ ڪمپني جي ذريعي شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ سيڙڪاري جي حوالي سان برط??ني?? اسان جي تمام گهڻي مدد ڪئي جنهن تي برطانوي حڪومت جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته پاڪستان ۽ برط??ني?? ۾ ٻطرفي تعاون جو وڌيڪ فروغ اسان جي ترجيحن ۾ سرفهرست آهي، برط??ني?? جي وزيراعظم بورس جانسن سان گذريل هفتي ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ هن واپار جي شعبي ۾ تعاون جي فروغ جي معاملن تي ??يا??ن جي ڏي وٺ ڪئي، ان سلسلي ۾ برط??ني?? جو هڪ وفد جلد پاڪستان جو دورو ڪندو، وزيراعظم چيو ته هو ملڪه برط??ني?? جي ڊگهي زندگي ۽ صحت ۽ سلامتي جي لاءِ دعاڳو آهي، ملڪه برط??ني?? نه رڳو برط??ني?? پر پوري دولت مشترڪه جي لاءِ اتحاد، اميد ۽ تسلسل جي علامت آهي. تقريب کي پاڪستان ۾ برط??ني?? جي هاءِ ڪمشنر ڪرسچن ٽرنر پڻ خطاب ڪيو. بعد ۾ وزيراعظم شهباز شريف برطانوي هاءِ ڪمشنر سان گڏ ڪيڪ ڪاٽيو.