اسلام آباد – 25 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سان بر??انيه جي هٿياربند فوج جي وزير جيمز هيئپي ملاقات ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان ۽ يوڪي جي وچ ۾ پراڻا لاڳاپا موجود آهن ۽ ٻن??ي ملڪن ۽ عوام جي وچ ۾ تاريخي رابطا موجود آهن. وزيراعظم ان اميد جو اظهار ڪيو ته پاڪستان ۽ بر??انيه جي وچ ۾ انهانسڊ اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ (اي ايس ڊي) سان گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ ٻطرفي رابطن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ مدد ملندي. هن ٻن??ي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري کي وڌيڪ وڌائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. ٻن??ي ملڪن جي وچ ۾ هلندڙ سال سفارتي ل??ڳاپن جي 75 هين سالگرهه جي حوالي سان وزيراعظم ان اميد جو اظهار ڪيو ته ان کي بهترين انداز ۾ ملهايو ويندو ۽ ان سان ٻن??ي ملڪن جي وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ لاءِ نوان موقعا ميسر ايندا، وزيراعظم افغانست??ن ۾ امن ۽ استحڪام جي اهميت تي زور ڏيندي افغانست??ن ۾ انساني المئي کان بچڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي ضروري قدم کڻڻ جي اهميت کي اجاگر ڪيو، هن چيو ته 4 ڪروڙ افغانن جي ڀلائي ۽ ترقي اهم ترجيح هجڻ گهرجي، يوڪرين جي معاملي تي پنهنجي ڳڻتي جو اظهار ڪندي وزيراعظم چيو ته جاري تڪرارن سان اسرندڙ ملڪ متاثر ٿيا آهن، هن ان معاملي تي پاڪستان جي اصولي موقف جو به ورجاءُ ڪيو، هن عالمي بر??دري تي زور ڏنو ته هو گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي قانونن موجب ان مسئلي جو سفارتي حل ڳولڻ جي ڪوشش ڪري، وزيراعظم والاريل ڪشمير جي صورتحال واضح ڪندي ڀارت سميت خطي ۾ امن جي فروغ لاءِ پاڪستان جي عزم جو اظهار ڪيو، وزيراعظم ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب پرامن طور تي حل ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو، هن ڏکڻ ايشيا ۾ مستحڪم عسڪري توازن برقرار رکن جي اهميت تي به زور ڏنو، بر??انوي وزير به ٻن??ي ملڪن جي وچ ۾ تاريخي ل??ڳاپن جو ذڪر ڪندي واپار ۽ سيڙپڪاري سميت مختلف شعبن ۾ انهن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو، هن خاص طور تي 15 آگسٽ 2021ع کانپوءِ افغانست??ن ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي جي تناظر ۾ غير ملڪين جي نڪرڻ سميت بر??انيه سان پاڪستان جي تعاون تي پنهنجي حڪومت طرفان ٿورو ادا ڪيو.