اسل??م آباد – 25 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چ??و آهي ته عمران خان ملڪ ۾ گهرو ويڙهه چاهي ٿو، پي ٽي آءِ جي عهديدارن جي گهرن مان هٿيارن جي برآمدگي سان عمران خان جا ارادا بي نقاب ٿي ويا آهن، ملڪ ۾ اڄ جيڪو ڪجهه ٿي ره??و آهي عوام ڏسي رهي آهي ۽ ان جو ذميدار صرف عمران خان آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته عمران خان پاڪستان ۾ گهرو ويڙهه جي سازش ڪري ره??و آهي، ه?? هٿيارن جي زور تي اسل??م آباد تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿو، ه?? چيو ته بندوقن، بم ?? گولن ۽ بارود سان انتشار پکيڙڻ نه ڏينداسين، حڪومت عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ يقيني بڻائڻ جي پابند آهي، اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته گوليون هلائڻ، جلاءُ گهيراءُ جا رويا سياسي نه آهن، سياسي سرگرمين ۽ لشڪر ڪشي جي وچ ۾ واضح لائين ڪڍڻي پوندي.