اسلام آباد – 16 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي متحده عرب امارات جي سفارتخاني جو دورو ڪيو ۽ اڳوڻي ص??ر شيخ خليفه بن زايد النهيان جي لاڏاڻي تي ش??هي خاندان، عوام ۽ متحده عرب امارات جي حڪومت سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو، صدر متحده عرب امارات جي اڳوڻي صدر جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته شيخ خليفه بن زايد النهيان جي لاڏاڻي تي ??اڪ??تاني عوام کي تمام گهڻو ڏک ٿيو آهي. ڇاڪاڻ جو هو ??اڪ??تان جو سچو ۽ مخلص دوست هو. هن چيو ته متحده عرب امارات جي اڳوڻي صدر جي وفات ٻنهي ملڪن جي لاءِ و??و نقصان آهي ۽ هو ??اڪ??تاني قوم جي جذبن جو اظهار ڪرڻ چاهي ٿو. هن چيو ته ??اڪ??تان متحده عرب امارات جي ش??هي خاندان ۽ عوام جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهي، مرحوم شيخ خليفه بن زايد النهيان جي ??اڪ??تان لاءِ خدمتن کي زبردست خراج تحسين پيش ڪندي صدر عارف علوي چيو ته سندس قيادت ۾ ??اڪ??تان ۽ متحده عرب امارات جا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيا، ان موقعي تي هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي کي وڌيڪ بهتر ۽ مستحڪم بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو، متحده عرب امارات جي سفير حماد عبيد ابراهيم سالم الزابي تعزيتي دوري تي صدر جو ٿورو ادا ڪيو ۽ چيو ته ??اڪ??تان ۽ متحده عرب امارات جي وچ ۾ مضبوط لاڳاپا آهن، هن متحده عرب امارات جي اقتصادي ترقي ۾ ??اڪ??تاني برادري جي ڪردار کي به ساراهيو.