پشاور – 17 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان خيبرپختونخوا جي گورنر شاهه فرمان ۽ وڏي وزير محمود خان ملاقات ڪئ??. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ صو??ي ۾ سياسي صو??تحال، انتظامي معاملن ۽ امن امان جي صو??تحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئ?? وئي. ملاقات ۾ صو??ي ۾ جاري عوامي ڀلائي ۽ ترقياتي منصوبن خاص طور تي زراعت، ٽرانسفارميشن پلانٽ تي عملدرآمد، ٻيلن جي تحفظ جي منصوبي ۽ صحت ڪارڊ جي عوامي پذيرائي تي ڳالهه ٻولهه سان گڏوگڏ وزيراعظم کي مهانگائي کي روڪڻ لاءِ انتظامي پاران کنيل قدمن ۽ ذخيره اندوزي جي خلاف آپريشن تي اڳڀرائي کان به آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم ترقياتي منصوبن جي مقرر مدي ۽ عوامي ڀلائي جي منصوبن کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون.