اسلام آباد – 31 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان ۽ آذر??ائ??جان جي وچ ۾ پراڻا مذهبي، ثقافتي ۽ تاريخي رشتا قائم آهن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ميڊيا جي شعبي ۾ تعاون وقت جي ضرورت آهي، اي پي پي اطلاعات واري وزارت جي ڊجيٽل ميڊيا ونگ ۽ آذر??ائ??جان جي سرڪاري نيوز ايجنسي جي وچ ۾ خبرن ۽ معلومات جي مٽاسٽا سان فيڪ نيوز جو خاتمو ممڪن آهي، فلم، ڊراما ۽ ميوزڪ جي شعبي ۾ پاڪستان ۽ آذر??ائ??جان هڪٻئي جي تجربن مان فائدو کڻي سگه?? ٿا. هن اها ڳالهه ملاقات لاءِ آيل آذر??ائ??جان جي سفير خضر فرحادوف سان ڳالهائيندي ڪئي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن سميت فلم، ڊراما، ميوزڪ ۽ ميڊيا جي شعبن ۾ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ به ٿي، اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ازبڪستان سان گڏجي ظهير الدين با??ر تي هڪ فلم تيار ڪئي پئي وڃي، اسان آذر??ائ??جان سان گڏ به فلم ۽ ڊرامي جي صنعت ۾ تعاون ??ي فروغ ڏيڻ چاهيو?? ٿا. هن چيو ته پاڪستاني ڊرامن جو ترجمو ڪري آز??ائ??جان جي عوام کي پيش ڪري سگهجي ٿو، اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان سياحت لاءِ خوبصورت ۽ پرڪشش ملڪ آهي، آذر??ائ??جان جي عوام فلم ساز ۽ ڊراما نگار پاڪستان جي سياحتي ماڳن مان فائدو وٺي سگه?? ٿا، چوڌري فواد حسين چيو ته سڄي دنيا ??ي فيڪ نيوز جو چئلينج درپيش آهي، ان ڏس ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ميڊيا جي شعبن ۾ تعاون وقت جي اهم ضرورت آهي، ميڊيا جي شعبن ۾ تعاون خاص طور پاڪستان جي سرڪاري نيوز ايجنسي اي پي پي، اطلاعات واري وزارت جي ڊجيٽل ميڊيا ونگ ۽ آذر??ائ??جان جي سرڪاري نيوز ايجنسي جي وچ ۾ خبرن ۽ معلومات جي مٽاسٽا سان فيڪ نيوز جو خاتمو ممڪن آهي، اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ پاڪستان جي حڪومت ملڪي معاشي صورتحال کي نظر ۾ رکندي نه رڳو ڪورونا وائرس جي وبا جو مقابلو ڪيو پر سمارٽ لاڪ ڊائون پاليسي اختيار ڪندي ملڪي معيشت کي به مستحڪم بڻايو، اڄ سڄي دنيا وزيراعظم عمران خان جي انهن قدمن کي ساراهي ٿي، آذر??ائ??جان جي سفير حڪومت جي سمارٽ لاڪ ڊائون پاليسي کي ساراهيندي چيو ته عالمي ميڊيا به وزيراعظم عمران خان جي قدمن ۽ سمارٽ لاڪ ڊائون پاليسي جون مثال دنيا جي سامهون پيش ڪيون، هن افغانستان جي با??ي ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪانفرنس جي انعقاد تي مبارڪباد پيش ڪئي، خضر فرحادوف چيو ته افغانستان جي ذريعي وچ ايشيائي رياستن کي پاڻ ۾ ڳنڍڻ لاءِ پاڪستان ۽ آذر??ائ??جان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ پراميد آهن.