اسلام آباد – 03 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪ??يونٽي ويلفيئر اتاشين جي نظام کي موثر ۽ فعال بڻائڻ جي هدايت ڪندي چ??و آهي ته سمنڊ پار پاڪستانين جيڪي ملڪ جو قيمتي اثاثو آهن، جي ڀلائي ۽ ترقي کي يقيني بڻايو وڃي، اها هدايت وزيراعظم جي سمنڊ پار پاڪستانين واري صلاحڪار ايوب خان آفريدي سان ڳالهائيندي چئي. جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ اسپين سان ٻٽي شهريت ۽ پاڪستاني نزاد ڪارڊ کانسواءِ ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي وي??ا جاري ڪرڻ بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ وزيراعظم ??مي??نٽي ويلفيئر اتاشين (سي ??بليو اي) جي نظام کي موثر ۽ فعال بڻائڻ جي هدايت ڪئي ته جيئن سمنڊ پار پاڪستاني جيڪي ملڪ جو قيمتي اثاثو آهن، جي ڀلائي ۽ ترقي کي يقيني بڻائي سگهجي.