اسلام آباد – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) و??ير??عظم عمران خان سان چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه ملاقات ڪئي ۽ تفصيلي مشاورتي عمل کانپوءِ نئين ڊي جي آءِ ايس آءِ جي لاءِ ليفٽيننٽ جنرل نديم انجم جي نالي جي منظوري ڏني وئي جيڪو 20 نومبر 2021ع تي پنهنجي عهدي جي چارج سنڀاليندو. و??ير??عظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب اها ملاقات آءِ ايس آءِ ۾ ڪمان جي تبديلي جي وقت ۽ نئين ڊائريڪٽر جنرل آءِ ايس آءِ جي چونڊ بابت و??ير??عظم ۽ چيف آف آرمي اسٽاف جي وچ ۾ جاري مشاورتي عمل جو حصو هئي. ان عمل دوران دفاع واري وزارت کان آفي??رن جي هڪ فهرست ملي. و??ير??عظم سمورن نامزد آفي??رن جو انٽرويو ڪيو. و??ير??عظم ۽ چيف آف آرمي اسٽاف جي وچ ۾ مشاو??ت جو حتمي دور اڱاري ڏينهن ٿيو. تفصيلي مشاورتي عمل کانپوءِ نئين ڊي جي آءِ ايس آءِ جي لاءِ ليفٽيننٽ جنرل نديم انجم جي نالي جي منظوري ڏني وئي. نامزد ڊي جي آءِ ايس آءِ 20 نومبر 2021ع تي پنهنجي عهدي جي چارج سنڀاليندو.