اسلام آباد – 06 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان بل اينڊ ميلنڊاگيٽس فائونڊيشن (BMGF)جي شريڪ چيئرمين بل گ??ٽس کي ٽيليفون ڪئي ۽ پوليو ج?? خاتمي جي ڪوششن ۽ پاڪستان ۾ غذايت ۽ مالي خدمتن کي بهتر بڻائڻ لاءِ فائونڊيشن جي تعاون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي.
وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم بل گ??ٽس کي پوليو ج?? خاتمي لاءِ پاڪستان جي مسلسل اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ۽ بي ايم جي ايف پاران فراهم ڪيل مدد کي ساراهيو. هن چيو ته ملڪ ۾ هن سال وائلڊ پوليو وائرس جو صرف هڪ ڪيس رپورٽ ٿيو آهي ۽ وائلڊ پوليو وائرس جا مثبت ماحولياتي نمونا ڪافي حد تائين گهٽ ٿيا آهن، وزيراعظم چيو ته مثبت اڳڀرائي جي باوجود مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ اڃان به ڪم جاري آهي، هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته حڪومت ملڪ ۾ هر قسم جي پوليو ج?? خاتمي لاءِ پرعزم آهي. بل گ??ٽس وزيراعظم جي عزم جي واکاڻ ڪئي ۽ فائونڊيشن پاران پاڪستان ۾ پوليو پرو??را?? کي جاري رکڻ جو ورجاءُ ڪيو ته جيئن ان ڳالهه کي يقيني بنائي سگهجي ته پاڪستان ۾ ڪنهن به ٻار کي پوليو وائرس جو خطرو نه ٿئي.
بل گ??ٽس وزيراعظم جي قيادت ۾ آگسٽ ۾ پوليو ج?? وڌيڪ خطرن وارن ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن سان گهرايل اجلاس جي ڏس ۾ مثبت ڪوششن ۽ ان جي اثرن کي ساراهيو. وزيراعظم ۽ بل گ??ٽس افغانستان ۾ صحت جي نظام جي حوالي سان ڳڻتي جو اظهار ڪيو ج??ڪو پاڪستان سان پوليو ج?? شڪار دنيا جو ٻيو ملڪ آهي، هن ان بيماري جي خاتمي لاءِ افغانستان ۾ پوليو ج?? مهم ٻيهر شروع ڪرڻ جي اهميت ۽ پوليو ج?? خاتمي لاءِ پاڪستان جي تازي ڪاميابي جي حفاظت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
وزيراعظم چيو ته افغانستان جي اڌ کان وڌيڪ آبادي غربت جي لڪير کان هيٺ واري زندگي گذاري رهي آهي ۽ ان کي مالي مدد جي ضرورت آهي. هن بل گ??ٽس کي درخواست ڪئي ته هو افغان عوام کي انساني همدردي جي بنياد تي امداد فراهم ڪرڻ تي غور ڪري، بل گ??ٽس وزيراعظم کي پاڪستان ۾ ڪووڊ – 19 ويڪسين جي تياري ۾ مبارڪبا?? ڏني ۽ فائونڊيشن پاران احساس پرو??را?? سميت حڪومت جي انتظام هيٺ پرو??را??ن جي مسلسل حمايت جو ذڪر ڪيو ج??ڪو غربت کي گهٽ ڪرڻ ۽ ڪارانداز جي ڪري قومي بچت پرو??را?? جي ڊجيٽلائيزشن لاءِ شاندار اڳڀرائي ڪري رهيو آهي. بل گ??ٽ پاڪستانين جي صحت ۽ ڀلائي لاءِ گيٽ فائونڊيشن جي ذريعي مسلسل تعاون جي آڇ ڪئي، وزيراعظم بل گ??ٽ جو پاڪستان سان فائونڊيشن جي قابل قدر سهڪار تي ٿورو ادا ڪيو.