اسلام آباد – پهرين – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خ??ن جي صدارت ۾ افغانست??ن جي موجوده صورتحال جي حوالي س??ن جائزه اجلاس منعقد ٿيو. پرڏيهي وزير مخدوم شا??ه محمود قريشي وزيراعظم کي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت ۽ اهم عالمي شخصيتن سان ٿيندڙ ملاقاتن تي بريفنگ ڏني. انهن ملاقاتن ۾ افغانست??ن جي موجوده صورتحال ۽ والاريل ڪشمير ۾ ڀارت پاران انساني حقن جي خلاف ورزين تي پاڪستاني موقف جي ڀرپور ترجماني ڪئي وئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان افغانستان ۾ ڊگهي مدي واري امن جو خواهشمند آهي ۽ چاهي ٿو ته افغان عوام جي امنگن موجب نمائنده حڪومت قائم ??ئي.