اسلام آباد – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته روش?? ڊيجيٽل اڪائونٽ جي انگ ۾ اضافو ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين جي حڪومت جي پاليسين تي اعتماد جي عڪاسي ڪري ٿو. هن اها ڳالهه اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر ر??ا باقر سان ڳالهائيندي ڪئي جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر وزيراعظم کي معاشي بحالي، روش?? ڊيجيٽل اڪائونٽ ۽ ڪرنٽ اڪائونٽ تي بريف??گ ڏني. جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته مجموعي طور ت?? ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين هيستائين 2 لک چار هزار روش?? ڊيجيٽل اڪائونٽ کولرايا. هن ٻڌايو ته اڪائونٽس جي انگ ۾ روزاني جي بنياد تي اٽڪل هڪ هزار اڪائونٽس جو اضافو ٿي رهيو آهي. اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر ٻڌايو ته روش?? ڊيجيٽل اڪائونٽ ۾ هيستائين ٻاهرئين ملڪ مان 2.3 ارب ڊالر موڪليا ويا آهن.