اسلام آباد – 18 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته افغانستان ۾ امن نه رڳو طالبان پر پوري خطي جي مفاد ۾ آهي، وزيراعظم عمران خان ۽ تاجڪ صدر امام علي رحمانوف طالبان ۽ تاجڪن ??ي ويجهو آڻڻ ۾ پنهنجو ڪرد??ر ادا ڪندا، تاجڪستان جي صدر کي سڄي دنيا ۾ تاجڪ احتر??م ۽ قدر جي نگاهه سان ڏسن ٿا، نئين افغان حڪومت ۾ تاجڪن ??ي شامل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي و??ند??. افغانستان جي حوالي سان ڳالهائ??ند?? اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته تاجڪستان جي صدر وزيراعظم عمران خان سان ملاقات دوران ٻنهي ڌڙن ک?? ويجهو آڻڻ ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي. طالبان سان ڳالهين جو اعلان تاريخي قدم آهي. هن چيو ته طالبان جي لاءِ انهن گروپن ک?? حڪومت ۾ شامل ڪرڻ آسان نه آهي جيڪي انهن سان ڪيترن ئي ڏهاڪن ??ان وڙهي رهيا آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته افعانستان جي مسئلن جو پائيدار حل ڳولڻ جي لاءِ انهن ٻنهي ڌڙن ک?? گڏ ملائڻ ضروري آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته خطي ۾ امن ۽ سلامتي جي لاءِ سماجي ۽ اقتصادي بحالي اهم عنصر آهي، تاجڪستان جي صدر ۽ وزيراعظم عمران خان خطي خاص طور تي افغانستان ۾ امن، استحڪ??م ۽ سلامتي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي.