اسلام آباد – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت ڪاروبار ۾ آساني پيدا ڪرڻ جي پاليسي تي محنت سا?? عمل پيرا آهي، حڪومت سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولتون ??را??م ڪندي، پاڪستان ۾ وچولي ۽ ننڍي درجي جي صنعت جي ترقي جا وسيع موقعا موجود آهن، جن ۾ چيني ڪمپنيون ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون، اهڙن خيالن جو اظهار هن چيني ڪمپنين جي سربراهن جي وفد سا?? ڳالهائيندي ڪيو جنهن سومر ڏينهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران وفد ۾ ايزي پري فيبريڪيٽڊ هومز پرائيويٽ لميٽ??ڊ جو سي اي او، لاهي ٽريڊنگ انٽرنيشنل پرائيويٽ لميٽ??ڊ جو سي اي او، ياياشينگ انڊسٽريل پراڊڪٽس ڪمپني جو سي اي او، ليڊ زون پرائيويٽ لميٽ??ڊ جو سي اي او، چيانگ شنگ پاڪستان سراميڪس پرائيويٽ لميٽ??ڊ جو سي اي او، سنووائيٽ لاويشن پرائيويٽ لميٽ??ڊ جو سي اي او، زينگ بانگ ايگريڪلچر پاڪستان پرائيويٽ لميٽ??ڊ جو سي اي او، ايگزٽ ٽيڪ پرائيويٽ لميٽ??ڊ جو سي اي او ۽ چئلينج فيشن پرائيويٽ لميٽ??ڊ جو سي اي او شامل هئا. ان موقعي تي چيني سفير نونگ رانگ به موجود هو، وفاقي وزير محمد حماد اظهر شوڪت فياض ترين، اسد عمر، واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، سي پيڪ بابت خاص مددگار خالد منصور ۽ سينئر آفيسر به موجود هئا. وفد پاڪستان جي سيڙپڪار دوست پاليسين کي ساراهيو ۽ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو وزيراعظم وفد جي آجيان ڪندي چيو ته حڪومت ايز آف ڊوئنگ بزنس پاليسي تي محنت سا?? عمل پيرا آهي، سيڙپڪارن لاءِ مراعتون ??را??م ڪري رهي آهي ۽ انتظامي ڪاررواين کي آسان بڻايو پيو وڃي. وزيراعظم خاطري ڪرائي ته انهن جي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ لاءِ هو مهيني پاڻ جائزي اجلاس جي صدارت ڪندو. هن چيو ته پاڪستان چين سا?? صنعتي شعبي جي ترقي جي حوالي سا?? تمام گهڻو سکي سگهي ٿو، چيني سيڙپڪارن سا?? پاڪستان ۾ روزگار جا موقعا ملندا ۽ افرادي قوت هنر سکندي، پاڪستان ۾ وچولي ۽ ننڍي درجي جي صنعت جي ترقي جا وسيع موقعا موجود آهن جن ۾ چيني ڪمپنيون ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون، وزيراعظم چيو ته زراعت، ماهيگيري، سبزي، فروٽ، وڌيڪ پيداوار وارا پالتو جانور، آءِ ٽي ۽ ٽيڪنالاجي ۽ ننڍي صنعتن تي ڌيان ڌيڻ جي ضرورت آهي، حڪومت سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولتون ??را??م ڪندي.