اسلام آباد-15 سيپٽمبر(اي پي پي ) پرڏيهي وزير شاهه محم??د قريشي سان گڏيل عرب امارات جي هم منصب شيخ عبدالله بن زايد النهيان گذريل ڏينهن ٽيليفونڪ رابطو ڪيو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن وچ ۾ ٻه طرفن ناتن ۽ افغانستان جي موجوده صو??تحال تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ٻنهي وزيرن پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ ٻه طرفن ناتن ۽ گڏيل دلچسپي جي شعبي ۾ سهڪار جي نوعيت تي اطمينان جو اظهار ڪندي ان کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو . پرڏيهي وزير اماراتي هم منصب کي دبئي ?? منعقد ٿيندڙ ايڪس??و 2020 جي بهترين انتظامن تي مبارڪباد ڏني ۽ ايڪسپو جي شاندار ڪاميابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن اهم علائقائي گڏيل دلچسپي وارن معاملن افغانستان جي صو??تحال تي صلاح مشوري جو سلسلو جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو .