اسلام آباد – 31 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ??هي ته پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت پنهنجي خراب طرز حڪمراني جو نشانو انڊسٽريز ۽ عام ماڻهو جي روزگار کي بند ڪري بڻائي رهي آهي، ا??س او پيز تي ??ملدرآمد جي حو??لي سان سنڌ سڀ کان پٺتي ??هي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته هڪ طرفي لاڪ ڊائون بدران اين سي او سي جي فورم تان قومي سطح تي ڪورونا وبا کي منهن ڏيڻ جي حو??لي سان فيصلاسازي کي اهميت ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته اهڙي غلطي سنڌ حڪومت اڳ ۾ به ورجائي چڪي آهي، ا??تدار جي نشي ۾ بدمست سنڌ حڪومت جي ذميوارن کي ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ طبقي جي مشڪلاتن جو ڪو احساس نه آهي.