اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين مح??د صادق سنجراڻي سان آذربا??يج??ن جي س??ير پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي آهي، سينيٽ سيڪريٽريٽ م??جب آذربا??يج??ن جي س??ير علي آليزاده سينيٽ چيئرمين سان سندس پڦي جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ فاتحه خواني ڪئي، ملاقات دوران ٻطرفي معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، ملاقات ۾ ڪورونا وبا جي ڪري پيدا ٿيندڙ صورتحال تي به بحث ٿيو، سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان ?? آذربا??يج??ن جي وچ ۾ واپاري تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي سخت ضرورت آهي، معاشي تعاون سان ٻنهي ملڪن جي عوام ۽ سيڙپڪارن کي ويجهو آڻڻ جو موقعو ملندو، گڏيل لاڳاپن، واپار، سيڙپڪاري ۽ سياحت جي فروغ لاءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پارلياماني لاڳاپن جو فروغ نهايت ضروري آهي، هن چيو ته پاڪستان ?? آذربا??يج??ن سدائين هڪ ٻئي جي موقف جي ڀرپور حمايت ڪئي آهي. ناگورنو، ڪاراباخ ۽ ڪشمير مسئلي تي ٻنهي جو تعاون ويجهي لاڳاپن جو ثبوت آهي.