اسلام آباد – پهرين اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان خمي?? ڏينهن سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي ملاقات ڪئي جنهن ۾ سين??ٽ ۾ قائدايوان ڊاڪٽر شهزاد وسيم به موجود هو. ملاقات ۾ ملڪي سياسي ۽ پارليام??ني معاملن سميت ٻين اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اسپيڪر چيو ته ملڪ کي درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ مخالف ڌر ۽ حڪومتي ڌر کي سرگرم ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، ايوان ۾ خوشگوار ماحول ۾ بحث ۽ قانونسازي پارليامينٽ جي عزت ۾ اضافو ڪندي، موجوده چونڊ عمل ۾ شفافيت وقت جي اهم ضرورت آهي، مخالف ڌر کي پارليام??ني ڪميٽي جي قيام جي لاءِ خط لکيا ويا آهن جواب جو انتظار آهي، مستقبل جي لاءِ چونڊ عمل تي اعتماد کي بحال ڪرڻ مخالف ڌر ۽ حڪومت جي گڏيل ذميداري آهي، اسد قيصر چيو ته چونڊ سڌاران جي لاء?? پارليام??ني ڪميٽي جي قيام جو مخالف ڌر پاران نالا وصول ٿي?? تي نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو.