اسلام آباد – 19 – ڊسمبر (اي پي پي) گذر??ل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب سنڌ کانپوءِ پنجاب ۾ 87 فوتگيون ٿيون، جنهن مان 45 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. گذر??ل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جا 3179 نوان مثبت ڪيس سامهون آيا آهن. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر ط??فا?? جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذر??ل 24 ڪلاڪن دوران 74 ماڻهو اسپتالن ۾ جڏهن ته 13 ماڻهو گهرن ۾ قرنطينه دوران فوت ٿيا. ملڪ جي 4 وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪ??وڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 46 سيڪڙو، اسلام آباد ۾ 41 سيڪڙو، لاهور ۾ 34 سيڪڙو ۽ پشاور ۾ 21 سيڪڙو مريض آهن، اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولتن وارن بسترن تي راولپنڊي ۾ 40 سيڪڙو، اسلام آباد ۾ 42 سيڪڙو، پشاور ۾ 59 سيڪڙو ۽ ايبٽ آباد ۾ 39 سيڪڙو مريض آهن، گذر??ل 24 ڪلاڪن دوران ڪ??وڊ – 19 جا 48 هزار 75 ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن مان سنڌ ۾ 20 هزار 681، پنجاب ۾ 15 هزار 133، خيبرپختونخوا ۾ 5 هزار 213، اسلام آباد ۾ 5 هزار 749، بلوچستان ۾ 337، گلگت بلتستان ۾ 373، آزاد ڪشمير ۾ 579 ٽيسٽ شامل آهن، هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪ??وڊ – 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 4 ??ک 4 هزار 501 ٿي چڪو آهي. بلوچستان ۽ گلگت بلتستان ۾ ڪ??وڊ – 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽرز تي نه آهي جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪ??وڊ – 19 جي لاءِ مختص وينٽيليٽرز تي 279 مريض آهن، سڄي ملڪ ۾ ڪ??وڊ – 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو تعداد 40 هزار 922 آهي، سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب متاثر ماڻهن جو تعداد 4 ??ک 54 هزار 673 آهي.