اسلام آباد – 21 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته ??ري?? صفدر جهڙن ماڻهن ڪڏهن پن??نجي پئسن سان خريداري ڪئي هجي ته کين خبر هجي ته مهانگائي ڇا کي چوندا آهن، پوري دنيا ۾ رڪارڊ مهانگائي ٿي آهي، ان حقيقت کي ختم نٿو ڪري سگهجي، خيبرپختونخوا ۾ بلدياتي ا??يڪشن ۾ ن ليگ آخري نمبر تي آهي، ان تي ندامت ٿيڻ گهرجي. ??ري?? صفدر جي بيان ۾ پن??نجي رد عمل ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته ڪي پي ڪي بلدياتي ا??يڪشن ۾ پي ٽي آءِ کي هڪ هڪ سيٽ تي درجنين پارٽي ڪارڪنن جي د??چس??ي جون درخواستون مليون، گلگت بلتستان، آزاد ڪشمير وانگر ن ليگ کي ڪي پي ڪي جي بلدياتي ا??يڪشن ۾ عبرتناڪ شڪست ٿي آهي، هن چيو ته ڪاش ??ري?? صفدر اڄ ڪي پي ڪي جي ا??يڪشن ۾ شڪست کي کلي دل سان تسليم ڪري ها، هن چيو ته عمران خان کي 2018ع جي ا??يڪشن ۾ 5 سالا حڪومت جو مينڊيٽ عوام ڏنو آهي، پن??نجو مدو مڪمل ايندڙ اليڪشن ۾ به ڪلين سوئيپ لاءِ پرعزم آهيون. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته نواز شريف ته عدالتي ڀڳوڙو آهي، همت هجي ها ته ائين علاج جو بهانو بڻائي فرار نه ٿئي ها، ن ليگ تقسيم در تقسيم ٿي چڪي آهي، پهرين پارٽي قيادت جو فيصلو ڪري وٺو، شهباز شريف متحرڪ ٿئي ٿو ته ??ري?? صفدر ٻن مهينن جي آرام تي هلي ويندي آهي.