اسلام آباد – 18 جون (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات واري خاص معاون ۽ سي پيڪ اٿا??ٽي جي چيئرمين عاصم سليم باجوه چيو آهي ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) منصوبن سان معاشي ترقي جي نئين دور جي شروعات ٿيندي، پراجيڪٽس پاڪستاني عوام کي ترقي جا موقعا فراهم ڪندا، چين جي 6 ڪمپنين سان پاڪستان جا وڌيڪ معاهدا ط??ي ٿيا آهن، ايڇ ايم سي ۾ نئين سيڙپڪاري ڪئي پئي وڃي، معاهدي سان صنعتن کي فر??غ ملندو. اهڙن خيالن جو اظهار ه?? هيوي مڪينيڪل ڪمپليڪس ٽيڪسلا ۾ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.