اسلا?? آباد – 06 مئي (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سي??ٽر ??ورونا وائرس جي وبا بابت تازي اپ ڊيٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، ملڪ ڻ ڪورونا وائرس جي ايڪٽو ڪيسن جو انگ 15807، تصديق ٿي?? ڪيسن جو انگ به 22550 تائين پهچي ويو، گذريل 24 ڪلاڪن دوران 1049 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا، 40 وڌيڪ فوتگين سان مجموعي فوتگيون 526 ٿي ويون. اين سي او سي موجب پنجاب ۾ ڪورونا وائرس ڪيسن جو انگ سڀ کان وڌيڪ 8420 تائين پهچي ويو، سنڌ ۾ 8189 ڪورونا وائرس ڪيس رپورٽ ٿيا، خيبرپختونخواهه ۾ ڪيسن جو انگ 3499 ۽ اسلا?? آباد ۾ 485 ٿي ويو، بلوچستان ۾ 1495، گلگت بلتستان ۾ 386 ڪيس رپورٽ ٿيا، آزاد ڪشمير ۾ ڪورونا وائرس ڪيسن جو انگ 76 ٿي ويو. سڄي ملڪ ۾ هيستائين 6217 مريض مڪمل ??ور تي صحتياب ٿي ويا.