ڪراچي – 04 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي صحت جي سهولتن جي فراهمي ۽ تعليم حاصل ڪرڻ تي ??ور ڏيندي چيو آهي ته طب جو شعبو انسانيت جي خدمت جو نالو آهي، طب جي تعليم ۾ انساني همدردي ۽ انسانيت سان پيار جو درس ڏنو وڃي ٿو، ڪرونا وائرس سڄي دنيا ۾ تيزي سان پکڙجي رهيو آهي، ان جي خاتمي لاءِ ويڪسين تيار ڪرڻ تي ??يزي سان ڪم جاري آهي. اهڙن خيالن جو اظ??ار هن فضائي روٿ پي اي ايف يو ميڊيڪل ڪاليج جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.