اسلام آباد – 10 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته سڄي دنيا ۾ ڀارت ??ي انتهاپسند تنظيم آر ايس ايس جي آمريڪي سفيد فام بالادستي جو نظريو رکندڙ ڪي ڪي ڪي (ڪوڪلس ڪلن) ۽ هٽلر جي فاشست هدفن سان هڪجهڙائي تسليم ڪ??ي پئي وڃي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ صدر چيو ته شهرين کي نسلي تعصب جي بني??د تي راءِ کي حق کان محروم رکڻ نسل ڪشي جو سبب بڻجندو آهي.