اسلام آباد – 07 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ آرمي ايڪٽ ۾ ترميمن جو بل قومي اسيمبلي مان منظور ٿيڻ تي سمورين سياسي پارٽين کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آه?? ته ملڪي تحفظ ??ان ڳنڍيل اهم قانونسازي تي سياسي پارٽين اتفاق ۽ بردباري ??و مظاهرو ڪيو، اڄ ثابت ٿي ويو ته جڏهن به ملڪ تي مشڪل وقت آيو سموريون سياسي پارٽيون متحد ٿي وينديون آه??، سياسي معاملن تي اختلاف راءِ جمهوريت جو حسن آه??، جڏهن به ملڪ جي قومي سلامتي ۽ مفادن جي ڳالهه ايندي آه?? ته سڀ سياسي پارٽيون متحد ٿي وينديون آه??، پيپلزپارٽي خاص داد جي حقدار آه?? جنهن قومي مفاد ۾ پنهنجون تجويزون واپس ورتيون، مخالف ٻڌي وٺن، ملڪي مفاد جي معاملي ۾ سموريون سياسي پارٽيون متحد آه??، پارليامينٽ عوام جي عدالت مان سرخرو ٿيندي رهندي، پاڪستان جي مخالفن جي پروپگنڊا کي پارليامينٽ دفن ڪري ڇڏيو، پارليامينٽ انهن جي ارمانن کي مٽي ۾ ملائي ڇڏيو آه??. هو پارليامينٽ هائوس ٻاهران سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ??يئ??مين سينيٽر فيصل جاويد سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائي رهي هئي.