اسلام آباد – 29 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عالمي ڪريڊٽ ريٽنگ ايجنسي ”فچ“ پاران پ??ڪس??ان جي ريٽنگ ٽرپل سي پلس ڪرڻ جي آجيان ڪندي چيو آهي ته رياست جي خاطر سياست جي قربان?? جو ثمر اڄ معاشي بهتري جي صورت ۾ ملڪ ۽ قوم کي ملي رهيو آهي، پ??ڪس??ان جي عالمي ريٽنگ ٽرپل سي پلس ٿيڻ صحيح معاشي پاليس?? جو اعتراف آهي، ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب ۽ مالياتي ٽيم جي محنت ۽ ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. وزيراعظم آفيس ج?? ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم چيو ته رياست جي خاطر سياست جي قربان?? جو ثمر اڄ معاشي بهتري جي صورت ۾ ملڪ ۽ قوم کي ملي رهيو آهي، پ??ڪس??ان جي عالمي ريٽنگ ٽرپل سي پلس ٿيڻ صحيح معاشي پاليس?? جو عالمي اعتراف آهي. وزيراعظم چيو ته معاشي سڌارن جي ايجنڊا تي ڏينهن رات ڪم ڪري رهيا آهيون، ان جا ثمر عوام تائين پهچائي سک جو ??اهه کڻنداسين، فچ ۽ ٻين عالمي مالياتي ادارن جون رپورٽون پ??ڪس??ان جي معاشي بهتري جي حوالي سان اهم آهن. وزيراعظم چيو ته پ??ڪس??ان جي معاشي بهتري جي رستي تي وڌيڪ محنت ۽ جذبي سان اڳتي وڌنداسين، اميد آهي آءِ ايم ايف جي نئين پروگرام سان پ??ڪس??ان جي معاشي بهتري ۽ سرگرمين ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. وزيراعظم چيو ته اسٽيٽ بئنڪ پاران وياج جي شرح ۾ وڌيڪ هڪ سيڪڙو گهٽتائ?? جو اعلان پڻ معاشي بهتري جي هڪ ٻي جهلڪ آهي، وياج جي شرح ۾ گهٽتائي سان ناڻي واڌ ۾ وڌيڪ گهٽتائي ٿيندي، ڪاروباري سرگرمين ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو.