قاهره – 08 اپريل (اي پي پي) غزه ۾ جنگ بندي ۽ يرغمالين جي آزادي جي معاهدي جي حوالي سان قاهره ۾ ٿيل ڳالهين ?? اهم پيش رفت ٿي آهي. فرانسيسي خابرو اداري اي ايف پي مطابق مصر جي سرڪاري ميڊيا سوم?? ڏينهن ٻڌايو ته غزه جنگ کي 6 مهينن کان وڌيڪ عرصو گذري چڪو آهي. غزه ۾ جنگ بندي ۽ يرغمالين جي آزادي جي معاهدي جي حوالي سان قاهره ۾ ٿيل ڳالهين ?? اهم پيش رفت ٿي آهي. اسرائيل خبردار ڪيو ته هو غزه جي ڏاکڻي شهر رفح ۾ فوجي ڪا??روائين لاءِ تيار آهي. اسرائيل آچ?? ڏينهن ڏکڻ غزه ۽ مرڪزي شهر خان يونس کان پنهنجي فوج کي ڪڍيو آهي جنهن سبب وڏي انگ ۾ بي گهر فلسطينن کي تباهه ٿيل شهري علائقن ۾ واپس وڃڻ جي اجازت ڏني وئي. پر اسرائيلي بچاءِ واري وزير يوايو گيلانٽ زو?? ڏيندي چيو ته اسرائيلي فوج وڃڻ جو مقصد مصري سرحد تي رفح سميت مستقبل جي مشنز جي تياري ڪرڻ آهي. اسرائيلي وزيراعظم غزه جنگ کي 6 مهينن کان وڌيڪ ج?? عرصو گذرڻ جي موقعي تي چيو ته اسرائيل فتح کان هڪ قدم پري آهي. هن پنهنجي ڪا??نيه کي اهو به ٻڌايو ته اسرائيل معاهدي لاءِ تيار آهي ۽ يرغمالين جي آزادي بنا ڪا به جنگ بندي نه ٿيندي. واضح رهي ته غزه ۾ اسرائيلي فوجي ڪا??روائين جي نتيجي ۾ 32 هزار کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن.