اسلام آباد-03 جنوري (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار واري ??فاقي وزير راڻا تنوير حسين جي صدارت هيٺ ايڊوائيزري بورڊ جو ا??لا?? منعقد ٿيو جنهن ۾ سال 25-2024ع جي ڪمند جي فصل جي ڪاٿي ۽ ملڪ ۾ کنڊ جي پيداوار ۽ ضرورتن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ا??لا?? ۾ کنڊ جي پيداوار ۽ ان جي قيمتن جي باري ۾ تفصيلي جائزو ورتو ويو. ا??لا?? ۾ کنڊ جي قيمتن ۾ استحڪام برقرار رکڻ ۽ عوام کي سستي اگهه تي کنڊ جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي حوالي سان اهم فيصلا ڪيا ويا. وفاقي وزير سمورن صوبن کي هدايت ڪئي ته هو کنڊ جي قيمتن جي سخت نگراني ڪن ۽ ڪنهن به قسم جي هٿرادو کوٽ کي روڪڻ لاءِ فوري ??دم کڻن. هن چيو ته کنڊ جي قيمتن کي ڪنٽرول ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي ته جيئن عوام کي رليف ملي سگهي. راڻا تنوير حسين وڌيڪ چيو ته حڪومت کنڊ جي قيمتن جي استحڪام کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڀ??پور ڪوششون جاري رکندي. هن اهو پڻ چيو ته صنعت ۽ پيداوار واري ??زارت صوبن سان گڏجي کنڊ جي فراهمي جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ ۽ قيمتن ۾ استحڪام لاءِ مستقل نگراني ڪندي ته جيئن عوام کي کنڊ جي کوٽ کي منهن نه ڏيڻو پوي.