راولپنڊي-02 جنوري (اي پي پي) 9 مئي 2023ع واري سانحي جي 19 ڏوهارين ج?? سزائن ۾ معافي جو اعلان ڪيو وي?? آهي. سزائن تي عملدرآمد دوران ڏوهارين قانوني حق استعمال ڪندي رحم ۽ معافي جون درخواستون داخل ڪيون هيون، پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب گڏيل طور تي 67 ڏوهارين رحم جون درخواستون داخل ڪيون هيون، 48 درخواستن کي قانوني ڪاررو??ئي لاءِ ڪورٽس آف اپيل ۾ نظرثاني لاءِ موڪليو وي??، 19 ڏهارين ج?? درخواستن کي انساني بنيادن تي قانون موجب منظور ڪيو وي?? آهي. داخل ڪيل رحم وارين درخواستن تي عملدرآمد مقرر مدي ۾ قانون موجب ڪيو وي??دو. ڏوهارين کي باضابطه ڪاررو??ئي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ آزاد ڪيو پيو وڃي، سمورن ڏوهارين وٽ اپيل ??رڻ ۽ قانون ۽ آئين موجب ٻيا قانوني حق برقرار آهن. واضح رهي ته ان کان اڳ اپريل 2024ع ۾ قانون موجب انساني همدردي جي بنياد تي 20 ڏوهارين کي آزاد ??رڻ جو حڪم ڏنو وي?? هو.