اسلام آباد – 01 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڀارت پنهنجي ائٽمي ٺڪاڻن جي فهرستن جي مٽاسٽا ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان مو??ب اها مٽاسٽا پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ائٽمي ٺڪاڻن تي حملا نه ڪرڻ واري معاهدي تحت ٿي. 31 ڊسمبر 1988ع تي ٿيندڙ معاهدي موجب ٻئي ملڪ ه?? ڪيلي??ڊر سال جي پهرين جنوري تي پنهنجي ائٽمي ٺڪاڻن بابت هڪ ٻئي کي آگاه?? ڪندا. بيان ۾ چيو ويو آهي ته انهي مناسبت سان پاڪستان ۾ ائٽمي ٺڪاڻن جي فهرست باضابطا طور تي پرڏيهي وزارت ۾ اسلام آباد ۾ ڀارتي هاءِ ڪميشن جي نمائندي جي حوالي ڪئي وئي. ان سان گڏ ئي ڀارتي پرڏيهي وزارت ڀارت جي ائٽمي ٺڪاڻن جي فهرست نئين دهلي ۾ پاڪستاني هاءِ ڪميشن جي نمائندي جي حوالي ڪري ڇڏي. پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ 27 جنوري 1991ع تي ائٽمي ٺڪاڻن تي حملا نه ڪرڻ واري معاهدي تي عملدرآمد کانپوءِ ٻئي ملڪ پهرين جنوري 1992ع کان فهرستن جي مٽاسٽا ڪري رهيا آهن.